رئيساڻي، جي. ايم

رئيساڻي، جي. ايم

رئيساڻي جي ايم

رئيساڻي، جي. ايم: شاعر ۽ اديب جي. ايم رئيساڻي جو پورو نالو غلام محمد ولد حمزه علي رئيساڻي آهي. سندس جنم 1965ع ڌاري شهر مدئجي ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم شهر جي اسڪول مان پرائي، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مدئجيءَ مان، انٽر سي اينڊ سي ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪيائين. ديني تعليـم ۽ عـالـم فـاضـل جــا امتحـان عبدالحسين شاهه اورينٽل ڪاليج سکر مان پاس ڪيائين. 1991ع ۾ ايم. اي اسلامڪ ڪلچر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ميرس مان پاس ڪرڻ سان گڏوگڏ بي. ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيائين. 1993ع ۾ تعليم کاتي ۾ عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو. جي. ايم رئيساڻي سنڌي ادبي سنگت شاخ مدئجي ۽ سماجي ادبي فورم مدئجيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي. هن ادبي ڪتاب ڇپرائڻ واسطي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو بنياد وڌو، جنهن طرفان ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جي. ايم رئيساڻيءَ جو ادب سان چاهه ننڍپڻ کان هو، ادبي دنيا ۾ سندس رهنمائي سنڌ جي ناليوارن شاعرن نثار بزمي ۽ سرمد چانڊيو ڪئي. جي. ايم رئيساڻي پنهنجي علائقي اندر پنهنجو هڪ ادبي حلقو قائم ڪيو آهي. سندس ڪيترائي شاگرد ادبي دنيا ۾ پاڻ مڃائي چڪا آهن. جي . ايم رئيساڻيءَ جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ ’تمغه امتياز‘ (2012ع) ۽ قلمڪار ڪوي (2009ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو